حڪيم محمد عمر لاکو

حڪيم محمد عمر لاکو: حڪيم مولانا محمد عمر لاکو ولد ميان حڪيم مولوي محمد حسين لاکو 1319هه/ 1901ع ۾ ڳوٺ دودي ٻگهيي ضلعي شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه) ۾ جنم ورتو. فارسي، عربي ۽ طبي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين. مختلف ڳوٺن جي مدرسن ۾ فارسي ۽ عربي تعليم ڏيندو رهيو، آخر ۾ ڳوٺ بهار جي ڪور، دولتپور صفن ۾ رهائش اختيار ڪري ديني ۽ طبي خدمتون انجام ڏيندو رهيو. هيءُ سٺو شاعر به هو. شاعريءَ ۾ مفتون ۽ احقر تخلص ڪتب آڻيندو هو. لکيل ڪتابن ۾: (1) سرور ڪائنات، (2) حضرت بايزيد بسطامي، (3) اندر جي اڪير، (4) ٻٻر جون خاصيتون شامل آهن. هن 20 صفر 1379هه/ 26 آگسٽ 1959ع تي ڳوٺ بهار جي ڪور ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.08.26  عيسوي

حڪيم مولوي محمد حسين لاکي 20 صفر 1379هه/ 26 آگسٽ 1959ع تي ڳوٺ بهار جي ڪور ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظل الرحمان سيد حڪيم
احمد سائين خانڳڙهيِ
تيرٿ سڀاڻي
بهاول خان انڙ
صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي
ارجن
آغا غلام نبي پٺاڻ
امين فقير مڱريو
استاد بسم الله خان
امير علي شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون